شتروگن جسواڻي

شتروگن جسواڻي

شتروگن جسواڻي

شتروگن جسواڻي: مشھور شاعر، ڊرامه نويس ۽ اِسٽيج اَداڪار شترو گن جسواڻي 22 ڊسمبر 1961ع تي ڀارتي رياست ’ڇتيس ڳڙهه‘ جي ضلعي ’بلاس پور‘شھر ۾ جنم ورتو. هن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾: ’وک‘ (غزل)، ’سنڌي غزل ڪاري‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪجهه سنڌي اِسٽيج ڊراما پڻ لِکيا، جن ۾: ’ميريج پروپوزل‘، ’اَڌ آبادي‘، ’اَحساس‘، ’منزل‘ ۽ ٻيا شامل آهن. 1979ع کان اَداڪاريءَ جي شروعات ڪئي. هن هڪ ٽيلي فلم ’منھنجي شادي ڪراءِ‘ جي هدايتڪاري پڻ ڪئي. هي مختلف مالياتي اِدارن ۾ اڪائونٽنسي (حساب ڪتاب) جو ڪم ڪري چُڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.12.22  عيسوي

مشھور شاعر، ڊرامه نويس ۽ اِسٽيج اَداڪار شترو گن جسواڻي 22 ڊسمبر 1961ع تي ڀارتي رياست ’ڇتيس ڳڙهه‘ جي ضلعي ’بلاس پور‘شھر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايوب کوسو
افضل قادري
دائم فقير
صمد حسين رضوي
سنتل
استاد بخاري
سليم جعفر
دانتي
’خاڪي‘ سيد احمد شاهه
سدارام ڀڳت
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون